ڪراچي:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)ڊي جي پي ڊي ايم اي سنڌو درياهه ۾ چشما وٽ وڏي سطح جي ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي موجب، تربيلا ۽ ڪالا باغ وٽ گهٽ سطح جي ٻوڏ ۽ سنڌو درياهه ۾ چشما وٽ وچولي سطح جي ٻوڏ آهي.
ڊي جي پي ڊي ايم اي چشما وٽ وڏي سطح جي ٻوڏ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.
ان کان علاوه، ڊي جي پي ڊي ايم اي 21 جولاءِ کان راوي، جهلم، ستلج ۽ چناب ۾ پاڻي جي وهڪري ۾ واڌ جو الرٽ پڻ جاري ڪيو آهي.
ڊي جي چيو ته دريائن جي مٿانهين علائقن ۾ برساتن سبب پاڻي جي وهڪري ۾ غير معمولي واڌ جو خطرو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language