واشنگٽن:(ڇنڇر 19 جولاءِ 2025ع)وفاقي وزير خزانه سينيٽر محمد اورنگزيب جي اڳواڻي ۾ هڪ پاڪستاني وفد واشنگٽن ڊي سي ۾ آمريڪي سيڪريٽري آف ڪامرس هاورڊ ليٽنڪ ۽ آمريڪي واپاري نمائندي (يو ايس ٽي آر) جيميسن گريئر سان ملاقات ڪئي.
ٻنهي ڌرين اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري واپاري ڳالهيون ڪارآمد ثابت ٿينديون، جنهن سان ٻنهي ملڪن جي معيشتن کي فائدو ٿيندو.
بيان موجب، ٻنهي ڌرين واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سڀ ممڪن رستا ڳوليا ويندا، خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾.
وزير خزانه محمد اورنگزيب چيو ته آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري ڀائيوار آهي ۽ پاڪستان انهن لاڳاپن جي دائري کي وڌائڻ جو خواهشمند آهي، جنهن ۾ روايتي ۽ غير روايتي شعبا، ٽيڪنالاجي، آئي ٽي، معدنيات ۽ زراعت وغيره شامل آهن، ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان فائديمند تعلق قائم ٿي سگهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language