لاھور:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)پنجاب جي وڏي وزير ۽ هڪ اعليٰ عهديدار خلاف بدتميزي ڪندڙ شخص کي حراست ۾ ورتو ويو.
حراست ۾ ورتل شخص جي هڪ وڊيو ٻه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن مينهن کان پوءِ انتظاميا تي تنقيد ڪئي هئي ۽ پنجاب جي وڏي وزير ۽ هڪ اعليٰ عهديدار خلاف بدتميزي وارا لفظ استعمال ڪيا هئا.
پوليس ڄاڻايل شخص کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي پوليس جي حراست مان ان شخص جو بيان سامهون آيو آهي جنهن ۾ هو چوي ٿو ته هو پاڪستان حڪومت کان معافي چاهي ٿو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language