welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چيني پرڏيهي وزارت ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي جو جواب ڏئي ڇڏيو

بيجنگ:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)چيني پرڏيهي وزارت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي جو جواب ڏنو آهي. چيني پرڏيهي وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته صدر ٽرمپ ٽيرف کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، چين آمريڪي صدر جي دٻاءُ وڌائڻ جي قدم جي مخالفت ڪري ٿو، ۽ واپاري جنگين ۽ ٽيرف جي جنگين ۾ ڪو به فاتح ناهي. آمريڪي صدر ٽرمپ برڪس ملڪن تي اضافي 10 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني، اعلان ڪيو ته جيڪي ملڪ برڪس جي آمريڪا مخالف پاليسين جي حمايت ڪندا انهن تي اضافي 10 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو، يعني درآمدي ٽيڪس، ۽ ڪنهن به ملڪ کي ڪا به رعايت نه ڏني ويندي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے