welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اڄ جو غزه انساني حقن جي قانونن جو قبرستان بڻجي چڪو آهي: اسحاق ڊار

نيويارڪ:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته اڄ جو غزه انساني حقن جي قانونن جو قبرستان بڻجي چڪو آهي. هن اهو اظهار نيويارڪ ۾ فلسطين لاءِ ٻہ رياستي حل تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته غزه ۾ مستقل جنگ بندي ۽ کاڌي جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي. اسحاق ڊار چيو ته غزه ۾ جنگي قانونن جي خلاف ورزين ۽ جنگي ڏوهن جي سزا کي يقيني بڻائي اتي انسانيت خلاف ڏوهن جو سلسلو بند ڪيو وڃي. نائب وزيراعظم چيو ته هو فرانس جي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي فيصلي جو استقبال ڪري ٿو، فلسطيني مسئلو 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان حل طلب آهي. اسحاق ڊار وڌيڪ چيو ته فلسطيني مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ناڪامي نه رڳو هڪ سياسي ناڪامي آهي پر ان جا ٻيا به سبب آهن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان هن ڪانفرنس جي انعقاد تي سعودي عرب ۽ فرانس کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان فلسطينين جي خود اراديت جي حق جي حمايت جاري رکندو، ۽ فرانس جي فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي فيصلي جو استقبال ڪري ٿو. نائب وزيراعظم زور ڏنو ته انصاف ۾ دير ناانصافي آهي، ۽ وقت اچي ويو آهي ته فلسطيني رياست کي گڏيل قومن ۾ مڪمل ميمبرشپ ڏني وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے