welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ٽرمپ جو خط عالمي ڌيان جو مرڪز، آمريڪي صدر گرپتونت سنگهه کي ڇا لکيو؟

واشنگٹن:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سکس فار جسٽس جي اڳواڻ گرپتونت سنگھ پنو کي خط لکيو آهي. صدر ٽرمپ جو پنو کي لکيل خط، جنهن کي هندستان پاران دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي، عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي. صدر ٽرمپ خط ۾ لکيو آهي ته مان پنهنجن شهرين، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي قدرن کي اوليت ڏيان ٿو. جڏهن آمريڪا محفوظ هوندو، ته دنيا محفوظ رهندي. مان ڪڏهن به پنهنجن شهرين لاءِ وڙهڻ بند نه ڪندس. خالصتان ريفرنڊم کان ڪجهه هفتا اڳ آمريڪي صدر جو پنو کي لکيل خط اهميت اختيار ڪري چڪو آهي. سکس فار جسٽس 17 آگسٽ تي واشنگٽن ڊي سي ۾ خالصتان ريفرنڊم ڪرائي رهيو آهي. صدر ٽرمپ هندستان سان واپاري معاهدي کان اڳ گرپتونت سنگھ پنو کي خط لکيو. ٽرمپ جي خط جي نقطن ۾ واپار، ٽيرف، دفاعي خرچ ۽ آمريڪي قدر شامل هئا. هي ٽرمپ جو گرپتونت سنگھ پنو جي خالصتان مهم تي سرڪاري تحريري جواب آهي. هن لکيو ته صدر جي حيثيت سان، مان انهن قدرن لاءِ وڙهندس جيڪي اسان کي آمريڪي بڻائين ٿيون. 'ايران کان سٺا سگنل نه ملي رهيا آهن' صفحن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ٽرمپ انتظاميا ايس ايف جي سان باضابطه لاڳاپن جي عزم جو اظهار ڪيو آهي، ٽرمپ لکيو آهي ته منهنجي انتظاميا آمريڪا کي امن ۽ خوشحالي جي نئين دور ۾ وٺي ويندي. ياد رکڻ گهرجي ته ايس ايف جي مهم 20 جنوري تي شروع ٿي هئي، سکس فار جسٽس جي اڳواڻ پڻ صدر ٽرمپ جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪئي هئي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے