
جيانگشي:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)چين ۾ هڪ ڊرائيور معجزاتي طور تي بچي ويو جڏهن سندس ٽرڪ هڪ ٽٽل پل تان اڌ لٽڪي رهي هئي.
جيانگشي صوبي سان تعلق رکندڙ 44 سالن جي يو گوشوم کي جون جي آخر ۾ ڏکڻ اولهه گويزو صوبي ۾ لينڊ سلائيڊنگ کان معجزاتي طور تي بچڻ کان پوءِ چين جو خوش قسمت ڊرائيور قرار ڏنو ويو آهي.
ڊرائيور هڪ هيوي ڊيوٽي ٽرڪ هلائي رهيو هو جڏهن تيز برساتن جي ڪري لينڊ سلائيڊنگ سبب درياهه تي هڪ پل ٽٽي پيو.
ڊرائيور فوري طور تي ٽرڪ جون بريڪون لڳايون، پر ٽرڪ جو اڌ حصو ٽٽل پل هيٺان هوا ۾ لٽڪيل هو.
ٽرڪ 22 ٽن معدني پائوڊر کڻي رهي هئي، ۽ ان جي وزن ٽرڪ کي مڪمل طور تي ڪرڻ کان روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
يو گوشوم جي مطابق، هو تيز رفتاري سان ٽرڪ نه هلائي رهيو هو ۽ ڊرائيونگ دوران سڄو وقت پنهنجو پير بريڪ تي رکيو، جنهن هن کي وقت تي ٽرڪ کي روڪڻ ۾ مدد ڪئي.
خوشقسمتيءَ سان، حادثي کان پوءِ ٽرڪ جو ڪيبن ٽريلر کان الڳ نه ٿيو، جيڪو عام طور تي آساني سان الڳ ٿي ويندو آهي.
ڪيتريون ئي گاڏيون ٽرڪ جي پويان بيهي رهيون هيون ۽ انهن جا ڊرائيور ٻاهر نڪري آيا ۽ منظر کي ڪئميرا تي محفوظ ڪيو، جڏهن ته يو گوشوم رڙ ڪئي ۽ انهن کي اڳتي اچڻ کان روڪيو.
بچاءُ ٽيمون 80 منٽن کان پوءِ حادثي واري هنڌ تي پهتيون ۽ عملو ميمبر ٽريلر تي چڙهي ويا ۽ هڪ ڏاڪڻ تيار ڪئي جنهن جي مدد سان يو گوشوم محفوظ طور تي ٻاهر نڪري هڪ محفوظ جاءِ تي پهچي ويو.
بچاءُ ٽيم جي سربراهه چيو ته جيتوڻيڪ هي آپريشن ظاهري طور تي تمام ڏکيو نه هو، پر اهو تمام خطرناڪ هو ڇاڪاڻ ته پل ڪنهن به وقت ٽٽي سگهي ٿو.
هن خطرناڪ حادثي ۾ يو گوشوم کي معمولي زخم آيا، جڏهن ته ٽرڪ کي گهڻو نقصان نه پهتو ۽ ان جي مرمت ڪئي وئي آهي.
يو گوشوم حادثي کان 5 ڏينهن پوءِ گهر موٽيو ۽ پنهنجي زال ۽ ڌيءَ سان مليو. ڪجهه ڏينهن بعد، هو زميني توڏانھن متاثر ٿيندڙن جي مدد لاءِ ٻيهر ساڳئي علائقي ۾ واپس آيو.
ان وقت، انهن جي ٽرڪ ۾ 1,500 بوتلون پاڻي ۽ 500 ڪلوگرام کاڌو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language