اسلام آباد:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)وزيراعظم نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي پهرين اسڪلز امپيڪٽ بانڊ جي منظوري ڏني.
وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ روڊ ميپ تي هڪ جائزو اجلاس ٿيو، جنهن دوران وزيراعظم پاڪستان جي پهرين اسڪلز امپيڪٽ بانڊ جي منظوري ڏني.
اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هي جديد ماڊل نوجوانن کي روزگار جي قابل بڻائڻ لاءِ نجي سيڙپڪاري کي راغب ڪندو.
هن چيو ته نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورتن مطابق مهارتون سيکاريون وينديون، حڪومت نوجوانن کي ملڪ ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ مهارت ۽ تعليم سان روزگار فراهم ڪري رهي آهي.
شهباز شريف وڌيڪ چيو ته هو هر 2 مهينن ۾ ذاتي طور تي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ روڊ ميپ تي عملدرآمد جو جائزو وٺندو، ۽ ٻاهرين ملڪن ۾ روزگار لاءِ مهارت رکندڙ ماڻهن کي تيار ڪرڻ کي ترجيح ڏني ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language