welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

چڪوال: سيلفي جو جنون، ٻہ نوجوان ڊيم ۾ ٻڏي فوت

چڪوال:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)چڪوال جي لکوال ڊيم ۾ ٻه نوجوان سيلفي وٺندي ٻڏي فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب، نوجوان لکوال ڊيم ۾ سيلفي وٺي رهيا هئا ته ٻئي نوجوان سلپ ٿي ڊيم ۾ ڪري پيا ۽ فوت ٿي ويا. پوليس ٻن نوجوانن جا لاش ڪڍيا ۽ انهن کي ڊي ايڇ ڪيو منتقل ڪيو. ياد رهي ته گذريل ڏينهن بلوچستان جي ضلعي ڊاڪي ۾ انبار درياءَ جي ڪناري تي راند ڪندي چار ڀينرون به ٻڏي ويون هيون.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے