q
ميرپورخاص:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)ميرپور خاص ۾ زيادتي جو الزام لڳائيندڙ عورت عدالت ۾ پنهنجي پهرين بيان تان ڦري وئي آهي.
ميڊيا موجب، 3 هفتا اڳ، عورت 2 جوابدارن خلاف زيادتي جو ڪيس داخل ڪيو هو، جنهن جي بنياد تي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٻئي جي ڳولا جاري هئي.
شروعاتي ميڊيڪل رپورٽ ۾ به عورت تي تشدد ۽ زيادتي جي تصديق نه ٿي سگهي.
مبينا زيادتي جو شڪار ۽ گرفتار جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي عورت جوابدار جي سڃاڻپ ڪرڻ کان انڪار ڪيو، جنهن کان پوءِ عدالت جوابدار کي 50,000 رپين جي مچلڪي تي ضمانت ڏئي ڇڏي.
پوليس موجب، ڊي اين اي رپورٽ جو انتظار آهي، جنهن ۾ ڪجهه ڏينهن وڌيڪ لڳي سگهن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language