
نوابشاه:(خميس 24 جولاءِ 2025ع)ڪاڪيپوٽا ڪالوني جي رهواسي مسمات نسيمه زال مرحوم محمد اسلم آرائين نوابشاهه پريس ڪلب پھچي دانھيو آهي ته منھنجي مڙس جي فوت ٿيڻ بعد منهنجي ڏير محمد اشرف جي پٽ نعيم ۽ سندس عزيز رحمان آرائين منهنجي مڙس جي 36 ايڪڙ زرعي زمين ڦٻائڻ لاءِ منهنجي نوجوان پٽ جاويد آرائين کي ورغلائي پاڻ سان ملائي ڇڏيو آهي.
هن چيو ته 6 مهينا اڳ نعيم ۽ رحمان آرائين رات جو گهر جي ڀت ٽپي مونکي يرغمال بڻائي نعيم آرائين مون سان مبينا زيادتي ڪئي ۽ رحمان وڊيو رڪارڊ ڪئي مونکي مسلسل بليڪ ميل ڪندا رهيا آهن.
هن چيو ته جنهن جو فيصلو ايم پي اي ڊاڪٽر بهادر ڏاھري جي چوڻ تي مصطفي آرائين ۽ حميد ڏاھري جي ڪيل فيصلي ۾ مخالف ڏوهاري ثابت ٿيا ۽ انهن تي 5 لک رپيا ڏنڊ پيو جنهن مان 3 لک رپيا مونکي ڏنا ويا باقي رقم ڦٻائڻ لاءِ مخالف مونکي هيسائڻ لاءِ منهنجي گهر تي چڙهائي ڪري مون ۽ منهنجي ٻارن مٿان تشدد ڪري رهيا آهن.
ان موقعي تي مسمات بيواھ نسيمه آرائين آئي جي سنڌ ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد کان مطالبو ڪيو ته منهنجي لڄالٽ ڪندڙ ۽ وڊيو رڪارڊ ڪندڙ جوابدارن خلاف فوري طور تي قانوني ڪارروائي ڪري مونسان انصاف ڪيو وڃي ۽ مونکي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language