اسلام آباد:(ڇنڇر 26 جولاءِ 2025ع)چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي ڪيسن کي ٻن شفٽن ۾ هلائڻ جو معاملو غور هيٺ آهي.
اسلام آباد ۾ فيڊرل جوڊيشل اڪيڊمي کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته ڪيسن کي مقرر وقت اندر حل ڪيو وڃي، اهو ئي سبب آهي ته عدالتي ڪيسن کي ٻن شفٽن ۾ هلائڻ جو معاملو غور هيٺ آهي.
جسٽس يحييٰ آفريدي چيو ته اهي عدالتي سڌارن تي ڪم ڪري رهيا آهن، ادارتي سڌارن ۾ وقت لڳندو آهي.
چيف جسٽس چيو ته بهترين قانوني ماهر روزانو بنيادن تي ڪيس ٻڌي رهيا آهن، نوجوان وڪيل جن وٽ پيشيورانه صلاحيتون ۽ سياسي وابستگيون نه آهن انهن کي عدليه لاءِ اڳيان آندو ويندو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language