
ڪشمور:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)ضلعو بدامني جي ور چڙهيل، ڪشمور ڏوهارين لاءِ محفوظ پناهگاهه بڻيل.
ڪشمور شهر جي مصروف ترين روڊ مين چوڪ ايڪسچينج روڊ ڀرسان انڊس هاءِ وي تي بيمن داس جي ڪريانه جي دڪان تي ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار پنج هٿياربند ڌاڙيلن لکين روپين جي روڪ رقم ۽ قيمتي سامان هٿيارن جي زور تي ڦُر ڪئي وئي.
جڏهن ته ڌاڙيلن روڊ تي موجود شهرين مٿان هٿيارن سان فائرنگ به ڪري ڏني جنهن بعد آسانيءَ سان فرار ٿي ويا.
ڏينهن ڏٺي شهر جي محفوظ سمجهيندڙ روڊ تي اهڙي واردات کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇانيل آهي.
متاثر واپاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ون فائيو (15) پوليس آفيس ٿورڙي ئي مفاصلي تي هجڻ باوجود ڌاڙيل بنا خوف جي ڪارروائي ڪري ويا، جيڪا پوليس جي نااهليءَ جو واضع ثبوت آهي.
هنن جو چوڻ هو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري پوري شهر ۾ دهشت ڦهلائي، اسان جي جمع پونجي ڦر ڪري ويا.
هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڦُر ٿيل رقم واپس ڪرائي، جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي ۽ شهر ۾ امن امان بحال ڪيو وڃي.
واضح رهي ته ڪشمور ۾ روزاني جي بنياد تي هٿياربند ڌاڙيلن جون وارداتون سامهون اچي رهيون آهن، جنهن سبب ڪيترائي واپاري پنهنجا ڪاروبار بند ڪري لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.
ضلعي ۾ پوليس انتظاميه مڪمل طور ناڪام نظر اچي رهي آهي، جنهن سبب شهري عدم تحفظ جو شڪار بڻيل آھن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language