چوھڙ جمالي:(جمعو 18 جولاءِ 2025ع)ملاح ۽ منڌرا برادري وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل 8 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا.
چوهڙجمالي ڀرسان درگاهه حاجي الله ڏنو منڌرو هوٽل تي ويٺل ملاح ۽ منڌرا برادري ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو آهي. فائرنگ جتي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب هڪ ڄڻو رمضان پٽ محمد ملاح قتل ٿي ويو آهي.
جڏهن ته شڪيل ، آصف ، رمضان ملاح سميت ٻنهي ڌرين جا 8 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا آهن.
فوتي ۽ زخمين کي جونگو جلباڻي پوليس رورل هيلٿ سينٽر چوهڙ جمالي منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language