welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪي پي اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي ميمبر ڪڏهن حلف کڻندا؟ اليڪشن ڪميشن جو بيان سامهون اچي ويو

پشاور:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي طرفان خيبرپختونخواهه اسيمبلي ۾ مخصوص سيٽن تي ميمبرن کان حلف وٺڻ جي معاملي تي اليڪشن ڪميشن جو بيان به سامهون اچي ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر کي چونڊيل ميمبرن کان حلف وٺڻ جي لاءِ چيو، اسپيڪر طرفان حلف نه کڻڻ تي اليڪشن ڪميشن وڏي وزير کان درخواست ڪئي. خيبرپختونخواهه جي گورنر کان به درخواست ڪئي وئي ته اجلاس گهرايو ته جيئن سينيٽ جون چونڊون ڪرائي سگهجن. خط ۾ چيو ويو آهي ته وڏي وزير کان اجلاس طلب ڪرڻ ۽ ميمبرن جي حلف بابت درخواست کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو، اڄ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس گهرايو ويو پر ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اڄ ڪي پي اسيمبلي ۾ عورتن ۽ اقليتي سيٽن جي چونڊيل ميمبر عهدي جو حلف نه ورتو. اليڪشن ڪميشن چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ کي هڪ خط اماڻي ڇڏيو هو. خط ۾ درخواست ڪئي وئي هئي ته ڪنهن مناسب ماڻهو کي حلف برداري جي لاءِ نامزد ڪيو وڃي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته هاڻ گورنر خيبرپختونخواهه مخصوص سيٽن جو حلف کڻندا. مخصوص سيٽن جي چونڊيل ميمبرن کان حلف برداري جي وقت جو اعلان گورنر هائوس پاڻ ڪندو. اليڪشن ڪميشن آءِ جي ڪي پي، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ايف سي کي فول پروف سيڪيورٽي انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. فول پروف سيڪيورٽي هجي ته جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کان بچي سگهجي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے