
پشاور:(آچر 20 جولاءِ 2025ع)پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ اپوزيشن جي درخواست تي مخصوص سيٽن تي حلف برداري جي لاءِ ڪي پي ڪي جي گورنر کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
اپوزيشن پارٽين مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي حلف برداري ڪنهن ماڻهو کي نامزد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي. رجسٽرار پشاور هاءِ ڪوٽ وٽ جمع ڪرايل درخواست ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اپوزيشن پارٽين پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين طرفان داخل ڪئي وئي هئي.
ايڊيشنل سيڪريٽري جنرل پيپلز پارٽي پختونخواهه انهي حوالي سان ٻڌايو ته درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مخصوص سيٽن تي ڪي پي ڪي اسيمبلي ۾ چونڊيل ميمبرن کان حلف نه ورتو ويو. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي هئي ته چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي حلف برداري جي لاءِ ڪنهن کي نامزد ڪري.
جنهن کان پوءِ هاڻ چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ اپوزيشن جي درخواست تي مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي حلف برداري جي لاءِ گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي کي نامزد ڪري ڇڏيو آهي.
ياد رهي ته خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو اڄ ٿيندڙ اجلاس تقريبن اڍائي ڪلاڪ دير سان شروع ٿيو، اسپيڪر بابر سليم سواتي جي صدارت هيٺ اجلاس شروع ٿيندي ئي پي ٽي آءِ ميمبر شير علي آفريدي ڪورم جي نشاندهي ڪري ڇڏي جنهن تي اسپيڪر اجلاس 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.
ڪي پي ڪي اسيمبلي جو اجلاس ملتوي ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اپوزيشن اڳواڻ ڪي پي ڪي ڊاڪٽر عبادالله جو چوڻ هو ته صوبي کي نابالغ سياسي ماڻهن جي حوالي ڪيو ويو آهي. اڄ مخصوص سيٽن تي ميمبر جو حلف نه کڻڻ غير آئيني ۽ قانوني ڪم ڪيو ويو. اسان اڄ ئي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ انهي حوالي سان درخواست داخل ڪنداسين ۽ چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ کان درخواست ڪنداسين ته اڄ ئي ڪنهن ماڻهو کي مخصوص سيٽن تي حلف کڻڻ جي لاءِ نامزد ڪري.
0 تبصرے
Do not use vulgar language