welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

تربيلا تار، واپڊا کي ڊيم جا اسپل ويز کولڻا پئجي ويا، ننڍي ٻوڏ جي وارننگ جاري

اسلام آباد:(آچر 06 جولاءِ 2025ع)ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ لڳاتار برساتن سبب تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح وڌي وئي آهي، جنهن بعد اختيارين ڊيم جا اسپل ويز کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اسپل ويز جي رستن ۾ رهندڙ شهرين کي احتياط ڪرڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. تربيلا ڊيم جي اسپل وي آپريشن سبب سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ اچڻ جو امڪان آهي. اين ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق اسپِل ويز کولڻ جي نتيجي ۾ پاڻيءَ جي وهڪرين ۾ 2 لک 60 هزار کان 2 لک 70 هزار ڪيوسڪ تائين اضافي جو امڪان آهي. سنڌو درياءَ جي وهڪرين ۾ امڪاني اضافي کي نظر ۾ رکندي آس پاس وارن علائقن جي رهواسين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پاڻيءَ جي وهڪرن ۽ دريائن جي ويجهو وڃڻ کان پرهيز ڪن. درياءِ سنڌ جي ڀرسان سياحتي هنڌن تي گهمڻ دوران به احتياط ڪرڻ ۽ مڪاني انتظاميه سان تعاون ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. نوشهره، صوابي ۽ هري پور ۾ سنڌو درياءَ جي ڪنارن تي واقع آباديءَ لاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ضلعي انتظاميه، ريسڪيو 1122، سول ڊي فنس ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي حفاظتي قدم کڻڻ جون به هدايتون ڏنيون آهن. مقامي آباديءَ کي به احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ ۽ دريائن، نالن ۽ پاڻيءَ جي رستن کان پري رهڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے