welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڪراچي ڪسٽم ۽ رينجرز جو وڏو آپريشن، گودامن مان ڪروڙين رپين جو پرڏيهي اسمگل ٿيل سامان هٿ

ڪراچي:(اربع 09 جولاءِ 2025ع)ڪراچي ڪسٽم ۽ رينجرز هڪ ڪارروائي دوران گودامن مان ڪروڙين رپين جي پرڏيهي اسمگل ٿيل سامان ضبط ڪيو. ڪليڪٽريٽ آف ڪسٽمز انفورسمينٽ ڪراچي جي اينٽي اسمگلنگ آرگنائيزيشن (اي ايس او) رينجرز سان گڏيل ڪارروائي دوران ڪروڙين رپين جي پرڏيهي اسمگل ٿيل سامان هٿ ڪيو. ڪسٽمز جي ترجمان موجب، ڪسٽمز اينٽي اسمگلنگ آرگنائيزيشن ۽ رينجرز پاران گڏيل ڪارروائي دوران ٽرمينل تي واقع مختلف گودامن جي تلاشي ورتي وئي. تلاشي دوران، اسمگل ٿيل خشڪ کير، چيني لوڻ، پرڏيهي ڪپڙو، ٽائلس، ڪراڪري، آٽو اسپيئر پارٽس ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ضبط ڪيل سامان کي قانوني ڪارروائي، جاچ ۽ آخري تشخيص لاءِ ڪسٽم گودام منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪسٽم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے