غزہ:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)دهشتگرد اسرائيل پاران فلسطينين جي نسل ڪشي جاري آهي. اسرائيلي فوج اڄ ٻيهر غزه ۾ حملا شروع ڪيا ۽ گرجا گهرن تي بمباري ڪئي.
اڄ صبح کان وٺي غزه ۾ اسرائيلي حملي ۾ 90 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته محاصره ٿيل علائقي ۾ واحد ڪيٿولڪ چرچ تي حملي ۾ 3 ماڻهو مارجي ويا آهن.
پوپ ليو غزه ۾ هڪ چرچ تي اسرائيلي حملي تي پنهنجي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ موت ۽ زخمين جي رپورٽن تي پنهنجي ڪاوڙ ۽ غصي جو اظهار ڪيو.
ويٽيڪن سٽي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته پوپ چرچ جي پادرين ۽ مقامي عيسائي برادري سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. پوپ ليو غزه ۾ فوري طور تي جنگ بندي ۽ وچ اوڀر ۾ مستقل امن جو مطالبو ڪيو.
يورپي ملڪن به حملي تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي.
رپورٽ موجب، اسرائيل غزه ۾ اڌ کان وڌيڪ مذهبي ۽ ثقافتي جڳهن کي تباهه ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي هڪ جاچ مان ظاهر ٿيو آهي ته غزه ۾ 90 سيڪڙو کان وڌيڪ اسڪول ۽ يونيورسٽيون پڻ تباهه ٿي ويون آهن.
اسرائيل غزه چرچ حملي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ جاچ جو اعلان ڪيو آهي. اسرائيلي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته چرچ کي نقصان ۽ عام ماڻهن جي موت تي افسوس آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language