زاھدان:(آچر 27 جولاءِ 2025ع)ايران جي شهر زاهدان ۾ عدالتي ڪمپليڪس تي حملي ۾ مارجي ويلن جو انگ 9 ٿي ويو آهي، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد به مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ايران جي صوبي سيستان بلوچستان جي شهر زاهدان ۾ هٿياربند ماڻهو عدالتي ڪمپائونڊ ۾ داخل ٿيا ۽ ججن جي چيمبرن تي فائرنگ ڪئي.
عدالتي ڪمپائونڊ تي دهشتگرد حملي ۾ 9 ماڻهو مارجي ويا ۽ 22 زخمي ٿيا، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 3 دهشتگرد به مارجي ويا.
ايراني ميڊيا جي رپورٽن موجب، جيش العدل نالي هڪ هٿياربند گروپ زاهدان ۾ عدالتي ڪمپلينڊ تي حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language