غزہ:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)غزه جي مرڪزي علائقي نصيرات ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيندڙ ٻارن تي اسرائيلي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ 6 ٻار به شامل هئا، ۽ گهٽ ۾ گهٽ 17 زخمي ٿيا.
هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، اسرائيلي فوج چيو ته هوائي فوج علائقي ۾ فلسطيني اسلامي جهاد تنظيم جي هڪ ميمبر کي نشانو بڻايو، پر ميزائل ٽيڪنيڪل خرابي جي ڪري پنهنجي هدف کان پري ڪري پيو.
اسرائيلي فوج "شهرين کي ٿيل نقصان تي افسوس" جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته غزه ۾ ڊي سيلينيشن پلانٽ ايندھن جي کوٽ سبب بند آهن، جنهن جي ڪري محاصره ٿيل پٽي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي.
7 آڪٽوبر 2023 کان غزه ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ 58,000 کان وڌيڪ فلسطيني مارجي ويا آهن ۽ 130,000 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language