
نئين دھلي:(آچر 13 جولاءِ 2025ع)هندستاني وزيراعظم نريندر مودي جو سڄي هندستان ۾ هندي ٻولي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو بدامني ۽ رياستن ۾ تڪرار جو خطرو پيدا ڪري رهيو آهي.
هڪ آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب، هندستان ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ۽ ماڻهن کي ڪجهه ٻولين سان جذباتي لڳاءُ آهي، تنهن ڪري مودي حڪومت چاهي ٿي ته هندستاني شهري ممڪن حد تائين هندي ڳالهائين.
رپورٽ موجب، رياستون نريندر مودي جي فيصلي جي مزاحمت ڪري رهيون آهن ڇاڪاڻ ته انهن رياستن کي ڊپ آهي ته اتر هندستان جي مکيه ٻولي، هندي جو نفاذ انهن جي پنهنجي ٻولي جي ثقافتي ورثي کي تباهه ڪري ڇڏيندو.
آمريڪي اخبار جو چوڻ آهي ته نريندر مودي جو فيصلو پاڻ مودي حڪومت لاءِ هڪ نئون سياسي خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو.
گذريل مهيني، هندستاني رياست مهاراشٽر، جتي مودي جي پارٽي بي جي پي اقتدار ۾ آهي، کي مخالف ڌر، مقامي رهواسين ۽ ٻين پاران اسڪولن ۾ هندي سيکارڻ جي حڪومت جي پاليسي کي واپس وٺڻ تي مجبور ڪيو ويو، جنهن کي رياست جي مادري ٻولي مراٺي جي توهين قرار ڏنو ويو هو.
هندستاني رياست تامل ناڊو جو وڏو وزير مهينن کان مودي حڪومت جي تعليمي پاليسي جي مخالفت ڪري رهيو آهي ته هندي کي لازمي بڻايو وڃي. تامل ناڊو مئي ۾ مرڪزي حڪومت خلاف ڪيس داخل ڪيو جڏهن حڪومت هندي ٻولي پاليسي لاڳو نه ڪرڻ جي صورت ۾ رياست جي تعليمي فنڊ کي روڪڻ جي ڌمڪي ڏني.
0 تبصرے
Do not use vulgar language