الڪوت:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)عراقي شهر الڪوت ۾ هڪ وڏي شاپنگ سينٽر ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب 60 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن.
گورنر محمد الماياهي چيو ته شهر جي هڪ وڏي شاپنگ سينٽر ۾ خوفناڪ باهه لڳڻ سبب فوتين جو انگ 60 تائين پهچي ويو آهي، ۽ عمارت جي مالڪ خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
هن خدشو ظاهر ڪيو ته اڃا تائين ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل ٿي سگهن ٿا، جنهن ڪري موت ۽ زخمين جو انگ وڌي سگهي ٿو. عمارت ۾ هڪ ريسٽورنٽ پڻ آهي جتي شهري باهه لڳڻ وقت کائڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.
محمد الماياهي شهرين کي يقين ڏياريو ته واقعي ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح ملوث ڪنهن به شخص سان ڪا به نرمي نه ڪئي ويندي.
ايران جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب، باهه لڳڻ جو سبب اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، پر شروعاتي جاچ جا نتيجا ٻن ڏينهن ۾ جاري ڪيا ويندا. باهه لڳڻ جي واقعي سڄي علائقي ۾ سوگ جو ماحول پيدا ڪيو، جڏهن ته متاثر ٿيل هنڌ تي بچاءُ جون ڪارروايون جاري آهن.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ وڊيوز ۾ هڪ وڏي عمارت کي باهه ۾ ڀريل ڏيکاريو ويو آهي، جنهن مان دونھين جا ڪڪر نڪرندا نظر اچن ٿا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language