welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

نيويارڪ: هٿياربند جي فائرنگ ۾ پوليس آفيسر سميت 5 ڄڻا مارجي ويا

نيويارڪ:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)آمريڪي رياست نيويارڪ ۾ هڪ هٿياربند شخص هڪ پوليس آفيسر سميت 5 ماڻهن کي گولي هڻي ماري ڇڏيو ۽ پوءِ پاڻ کي به گولي هڻي ڇڏي. فائرنگ جو واقعو نيويارڪ شهر جي مڊ ٽائون مين هٽن علائقي ۾ پيش آيو. جتي هٿياربند شخص پوليس آفيسر ديدار الاسلام سميت 5 ماڻهن کي گولي هڻي ماري ڇڏيو. هن واقعي ۾ هڪ پوليس آفيسر ۽ هڪ ٻئي شهري کي پوئتي ۾ گولي لڳي، پر انهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته هڪ شخص ڊگهي بندوق سان عمارت ۾ داخل ٿيو. هي 634 فوٽ اوچي عمارت پارڪ ايونيو تي واقع آهي ۽ ان ۾ نيشنل فٽبال ليگ ۽ بليڪ اسٽون جا ڪارپوريٽ آفيس پڻ آهن. هن عمارت جي سيڪيورٽي غير معمولي طور تي وڌيڪ آهي.
اختيارين حملي آور جي سڃاڻپ شين تمورا جي نالي سان ڪئي ۽ چيو ته هو اڪيلو حملو ڪندڙ هو. هو عمارت جي لابي ۾ رائفل کڻي داخل ٿيو ۽ هڪ پوليس آفيسر سان فائرنگ جو تبادلو ڪيو. بندوق بردار بعد ۾ 33 هين منزل تي ڀڄي ويو. حملي آور کي 27 سالن جو لاس ويگاس جو رهواسي قرار ڏنو ويو آهي. آمريڪي ميڊيا موجب، شڪي جو ڪو به مجرمانه پس منظر نه هو. هو هوائي ۾ پيدا ٿيو ۽ نيواڊا منتقل ٿيو. هن وٽ هٿيارن جو لائسنس ۽ هڪ خانگي جاچ ڪندڙ جو لائسنس هو جيڪو ختم ٿي چڪو هو. ميڊيا رپورٽن موجب، بندوق بردار پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته هن سال آمريڪا ۾ هي 254 هون اجتماعي فائرنگ آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے