بيجنگ:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ تيز برساتن سبب 30 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي روڊ تباهه ٿي ويا آهن.
چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي موجب، هن هفتي بيجنگ سميت اتر چين جي مختلف حصن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي.
سومر جي رات تائين، بيجنگ ۾ تيز برساتن سبب 30 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي، جڏهن ته 80,000 کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي.
شهر جي اتر اوڀر واري مضافات ميون ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ موت رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب، برساتن سبب ڪيترائي روڊ خراب ٿيا، جڏهن ته 130 کان وڌيڪ ڳوٺ بجلي کان محروم ٿي ويا.
اختيارين عوام کي موسم جي رپورٽن ۽ خبردارين تي ڌيان ڏيڻ ۽ غير ضروري طور تي خطرناڪ علائقن ڏانهن سفر نه ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.
چيني صدر شي جن پنگ اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته تيز برساتن ۽ ممڪن ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بدترين صورتحال لاءِ منصوبابندي ڪن ۽ رهواسين جي فوري طور تي انخلا کي يقيني بڻائين.
0 تبصرے
Do not use vulgar language