ڪراچي:(اڱارو 08 جولاءِ 2025ع)شير شاهه ۾ پلاسٽڪ جي گودام ۾ لڳل باهه اڃا تائين نه وسامي سگهي آهي.
فائر آفيسر موجب، پلاسٽڪ جي گودام ۾ باهه لڳڻ جو واقعو شير شاهه علائقي ۾ پيش آيو، جتي 5 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود باهه تي ضابطو نه آندو ويو آهي.
فائر آفيسر چيو ته 5 فائر ٽينڊر ۽ 2 واٽر باؤزر باهه وسائڻ جي عمل ۾ حصو ورتو آهي ۽ باهه تي ضابطو آڻڻ ۾ مصروف آهن.
فائر آفيسر موجب، گودام ۾ باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي ۽ ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي. گودام ۾ پلاسٽڪ، رٻڙ، استعمال ٿيل آئل فلٽر ۽ ٻيو مواد موجود هو.
فائر آفيسر چيو ته باهه وسائڻ دوران، آئل فلٽر ڦاٽي پيا، جنهن سبب باهه ٻيهر ڀڙڪي پئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language