
موغاديشو:(خميس 03 جولاءِ 2025ع)صوماليا ۾ هڪ فوجي هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿي ويو، جنهن ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا ۽ 3 سخت زخمي ٿي پيا.
هڪ عالمي نيوز ايجنسي موجب، آفريقي يونين جو هڪ فوجي هيلي ڪاپٽر صوماليا جي گادي واري هنڌ موغاديشو ۾ عدن ايڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪري تباهه ٿي ويو. هيلي ڪاپٽر بالي ڊوگال ايئر فيلڊ کان اڏام ڪئي هئي ۽ لينڊنگ کان ڪجهه دير اڳ عدن ايڊي ايئرپورٽ تي ڪري تباهه ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جيئن ئي هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿيو، زوردار ڌماڪا ٿيا ۽ هڪ وڏي باهه لڳي وئي، جنهن سان ويجهي عمارتن کي نقصان پهتو. زخمين ۾ پائلٽ، ڪو پائلٽ ۽ هڪ انجنيئر شامل آهن.
هيلي ڪاپٽر ۾ ڪل اٺ ماڻهو سوار هئا، جن مان 5 فوت ٿي ويا جڏهن ته ٽي ٻيا سخت سڙي ويا ۽ ٻيا زخمي ٿيا، جن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
صومالي فوجي ترجمان چيو ته حادثي جي نتيجي ۾ هيلي ڪاپٽر ۾ گولا بارود ڦاٽي پيو، پر اهو واضح نه ڪيو ته اهو ڪهڙي قسم جو ۽ ڪيترو گولا بارود هو. اهو پڻ چيو پيو وڃي ته گولا بارود هيلي ڪاپٽر ۾ نه پر ان هنڌ هو جتي هيلي ڪاپٽر ڪري تباهه ٿيو.
اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽر کي هوا ۾ تيزي سان گھمندي ڏٺو ويو ۽ پوءِ اوچتو تيزيءَ سان ڪري پيو. اهو ياد رکڻ گهرجي ته صوماليا ۾ آفريقي يونين جي AUSSOM مشن ۾ 11,000 کان وڌيڪ اهلڪار شامل آهن، جن ۾ يوگنڊا ۽ ڪينيا جا سپاهي شامل آهن، ٻين ملڪن مان.
0 تبصرے
Do not use vulgar language