اٽڪ:(اربع 30 جولاءِ 2025ع)اٽڪ جي علائقي حسن ابدال ۾ برساتي نالي ۾ لڙهي ويل 4 عورتن جا لاش ملي ويا جڏهن ته ٻار جي ڳولا لاءِ آپريشن جاري آهي.
حسن ابدال ۾ جهاري ڪس نالي ۾ تيز وهڪرن سبب ويگو گاڏي لڙهي وئي جنهن ۾ 10 ماڻهو سوار هئا، ريسڪيو 5 ڄڻن کي حفاظت سان ڪڍي ورتو هو جڏهن ته 4 عورتون ۽ ٻار گم ٿي ويا هئا.
ريسڪيو اختيارين آپريشن کان پوءِ 4 عورتن جا لاش ڪڍي ورتا، ريسڪيو اختيارين موجب متاثر فيملي واهه ڪينٽ جي رهواسي آهي جيڪا شادي جي تقريب ۾ واپس اچي رهي هئي.
ياد رهي ته گذريل رات راولپنڊي اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ تيز برسات پئي جنهن سبب ڪيترائي هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا ڪجهه هنڌن تي ندي نالن ۾ چاڙهه اچي وئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language