welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

باجوڙ: صادق آباد ڦاٽڪ ميلي ويجهو ڌماڪو، اسسٽنٽ ڪمشنر سميت 4 ڄڻا شهيد

باجوڙ:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)باجوڙ ۾ صادق آباد ڦاٽڪ ميلو گرائونڊ ويجهو بم ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر سميت چار ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن. پوليس اختيارين موجب، خيبرپختونخواهه جي ضلعي باجوڙ جي خار صادق آباد تحصيل ۾ ڦاٽڪ ميلو گرائونڊ ويجهو ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن ۾ چار ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن جڏهن ته 11 زخمي ٿي پيا آهن. ڌماڪي جي نتيجي ۾ هڪ گاڏي مڪمل طور تي تباهه ٿي وئي آهي. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ناوگائي، تحصيلدار وڪيل خان ۽ ٻه پوليس اهلڪار شامل آهن. لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے