ڪراچي:(سومر 28 جولاءِ 2025ع)ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي جي ڪارروائي ۾ فتنہ الخوارج جا ٽي دهشتگرد مارجي ويا.
سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب موجب، سي ٽي ڊي هڪ سيڪيورٽي ايجنسي سان گڏ منگهو پير ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران سي ٽي ڊي ۽ دهشتگردن جي وچ ۾ فائرنگ جي تبادلي ۾ ٽي دهشتگرد مارجي ويا.
فتنہ الخوارج دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو ويو.
سي ٽي ڊي انچارج چيو ته مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ جي سڃاڻپ زعفران ۽ ٻئي جي قدرت الله جي نالي سان ٿي آهي، جڏهن ته ٽئين دهشتگرد جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.
سي ٽي ڊي انچارج موجب، سنڌ حڪومت پرڏيهي شهرين تي حملي ۾ ملوث دهشتگرد زعفران تي 20 ملين رپين جو انعام رکيو هو، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن مان هڪ خودڪش بمبار هو.
هن چيو ته مارجي ويل دهشتگرد گذريل سال چينين تي به حملو ڪيو هو. دهشتگردن وٽان گرنيڊ، خودڪش جيڪٽ ۽ هڪ ڊائري ملي آهي. دهشتگردن ڊائري ۾ پنهنجا نشانا لکيا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language