بنون:(خميس 17 جولاءِ 2025ع)بنون ۾ ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) جي هڪ آپريشن دوران ٽي دهشتگرد مارجي ويا.
سي ٽي ڊي موجب، مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل گل بهادر ۽ ضرار گروپن سان هو.
سي ٽي ڊي چيو ته مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ مدثر، تراب ۽ محمد حسين جي نالي سان ٿي آهي. مارجي ويل ٽي دهشتگرد پوليس کي گهربل هئا.
سي ٽي ڊي موجب، مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language