گھوٽڪي:(جمعو 25 جولاءِ 2025ع)گهوٽڪي مان 3 هفتا اڳ تتر وٺڻ لاءِ ڪچي ويندڙ اغوا ٿيل ڳوٺ جمعو سنگهڙ جا رهواسي 3 نوجوان مبينا پوليس مقابلي ۾ آزاد ٿي ويا، ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران موجب ته ڪچي ٻنڊي جي ڪچي واري علائقي ۾ وهارين جي ٺڪاڻن تي پوليس آپريشن ڪري سنگهڙ برادري جي اغوا ٿيل 3 مغوين غلام شبير عرف شبو سنگهڙ ذيشان سنگهڙ ۽ عبدالحفيظ سنگهڙ کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرائي ورتو آهي، جڏهن ته ڌاڙيل پوليس جو گهيرو تنگ ڏسي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، هوڏانهن ذريعن موجب ته ڪو به پوليس مقابلو ناهي ٿيو، ٽئي مغوي ڌاڙيلن پنهنجا پوليس کان مطالبا مڃرائي آزاد ڪيا آھن، واضع رهي ته 3 هفتا اڳ 3 نوجوان تتر وٺڻ لاءِ ڪچي ويا هئا ته انهن کي اغوا ڪيو ويو هو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language