سکر:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)گڊو بئراج وٽ وچولي درجي ۽ سکر بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ برقرار، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ نارمل پوزيشن ٻڌائي پئي وڃي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري، سکر آبپاشي کاتي سکر بئراج جي ڪنٽرول روم انچارج پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 4 لک 23 هزار 331 ڪيوسڪ جڏهن ته ھيٺانهون وهڪرو 3 لک 90 هزار 107 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 60 هزار 80 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو 3 لک 880 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويوآهي.
ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 56 هزار 355 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو 1 لک 13 هزار 890 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
آبپاشي کاتي موجب گڊو بئراج وٽ وچولي سکر بئراج وٽ هيٺين درجي جي ٻوڏ جڏھن ته ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جي صورتحال نارمل آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language