welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

بدين: مسلمان ناري اغوا، 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس ناري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام

بدين:(اڱارو 29 جولاءِ 2025ع)ٽنڊوباگو ڀرسان ٽي ڏينهن اڳ هندو برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان طرفان مسلمان ناري اغوا، وارثن طرفان ٽنڊو باگو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائڻ باوجود پوليس ناري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام. زاهدان ڌي الھڏنو ملاح کي منرو ڪولهي پاران مبينا اغوا ڪرڻ خلاف ملاح برادري جي مردن ۽ عورتن جو الهڏنو ملاح نظير ملاح، پٺاڻي ملاح، نوربانو ۽ مومل جي اڳواڻي ۾ بهادر واھ اسٽاپ تي ڌرڻو ٽنڊوباگو پنگريو روڊ بند ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. انهي موقعي تي ملاح برادري جي ماڻهن صحافين کي ٻڌايو ته ٽي ڏينهن اڳ غير مذهب هندو نوجوان منرو ڪولهي اسان جي ڇوڪري کي اغوا ڪري کڻي ويو آهي، جنهن جي ٽنڊوباگو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي آهي، پر ٽنڊوباگو پوليس جو ڊي ايس پي اسان جي نياڻي کي بازياب نه ڪرائي سگھيو آهي. هنن الزام هڻندي چيو ته ڊي ايس پي ٽنڊوباگو ۽ ٽنڊوباگو پوليس بااثر سياسي ماڻھن ۽ بااثر ڌرين جي چوڻ تي ڪولهي برادري کي سپورٽ ڪري رهيا آھن، ۽ ٽي ڏينهن گذرڻ باوجود اسان جي نياڻي بازياب ڪرائي واپس ڪرائڻ بدران اسان کي ليکا ڏيئي رلائي رهي آهي. هنن آئي جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته سندن نياڻي فوري بازياب ڪرائي وڃي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے