welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

مستونگ: فتنہ الهندستان جو تحصيل آفيس، بينڪن تي حملو، ٻارڙو شهيد، 2 دهشتگرد مارجي ويا

مستونگ:(اڱارو 01 جولاءِ 2025ع)مستونگ ۾، فتنہ الھندوستان جي دهشتگردن تحصيل آفيس ۽ بينڪن تي حملو ڪيو. فائرنگ ۽ ڌماڪي ۾ هڪ ڇوڪرو شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 8 ماڻهو زخمي ٿي پيا. فورسز جي ڪارروائي ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته مستونگ ۾، دهشتگردن ٽي گاڏيون ۽ تحصيل آفيس جو اهم رڪارڊ ساڙي ڇڏيو. هٿياربندن بينڪ رڪارڊ ۽ نقد رقم به لُٽي ورتي. هٿياربندن سڄي شهر ۾ سخت فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ هڪ 16 سالن جو ڇوڪرو مارجي ويو ۽ اٺ ماڻهو زخمي ٿيا جن کي غوث بخش رئيساڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو. بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو ته واقعي کان فوري طور تي ايف سي، سي ٽي ڊي ۽ ليويز علائقي کي گهيري ورتو. سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن کي گهيري ورتو. سخت فائرنگ جو تبادلو ٿيو. شاهد رند چيو ته سيڪيورٽي فورسز سان فائرنگ جي تبادلي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا ۽ ٽي زخمي ٿي پيا. علائقي ۾ دهشتگردن خلاف مڪمل آپريشن جاري آهي. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز جو فوري جواب وڌيڪ جاني نقصان کي روڪڻ ۾ اثرائتو رهيو آهي، ۽ فورسز حملي واري هنڌ تي هڪ منظم ڪليئرنس آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب، شهرين جي حفاظت ۽ دهشتگردن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ انٽيليجنس تي ٻڌل ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. سيڪيورٽي ادارن حملي آورن جي سهولتڪارن جي ڳولا پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے