شھدادپور:(خميس 10 جولاءِ 2025ع)ٻه ڏينھن اڳ جمال نگر ڪالوني ۾ ٻارن جي ڳالھ تان خنجر هڻي ڳلو ڪپي قتل ڪيل 14 ورهين جي ذاڪر سونو شاهي واري واقعي جو قتل ڪيس پوليس ٽن جوابدارن تي داخل ڪري ڇڏيو.
شھدادپور پوليس مقتول نينگر جي پيءُ ٺارو شاهي جي فرياد تي غلام نبي مگسي، اڪبر مگسي ۽ غني مگسي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي.
ڪيس ۾ فريادي پيءُ ڄاڻايو آھي ته جوابدارن ٻارن جي ڳالھ تان خنجرن جا وار ڪري پُٽ جو ڳلو ڪپي قتل ڪيو آھي.
جڏھن ته ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس اڃا تائين ھڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي.
پوليس جو چوڻ آھي ته نينگر جي قتل ڪيس ۾ ڄاڻايل جوابدار گهر ڇڏي فرار ٿي ويا آهن، گرفتاري لاءَ ڇاپا جاري آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language