welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

برطانيه ۾ پاڻي جو بحران، 135 سالن ۾ رڪارڊ ڪيل خشڪ ترين موسم

لنڊن:(خميس 03 جولاءِ 2025ع)برطانيه ۾ برساتن جي گهٽتائي سبب، ڪيترائي علائقا خشڪي جو شڪار ٿي ويا آهن، ۽ ملڪ جا پاڻي جا ذخيرا مسلسل گهٽجي رهيا آهن. ماحولياتي ايجنسي جي هڪ رپورٽ موجب، برطانيه ۾ هي بهار پنهنجي 135 سالن جي تاريخ ۾ سڀ کان خشڪ رهيو آهي. ان جي ڪري، نه رڳو درياءَ ۽ وهڪرا سڪي ويا آهن، پر پاڻي جي ذخيرن ۾ پاڻي جي سطح به گهٽجي رهي آهي. برطانيه جا پاڻي جا ذخيرا هن وقت 80 سيڪڙو کان 65 سيڪڙو تائين پهچي ويا آهن، جيڪو عام طور تي هن موسم دوران 80 سيڪڙو کان وڌيڪ هوندو آهي. ملڪ ۾ برساتن جي گهٽتائي سبب، ذخيرا مسلسل گهٽجي رهيا آهن، ۽ برطانيه ۾ مسلسل وڌندڙ گرمي پد پڻ هن خشڪي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڻي ڪمپنين برطانيه جي ماڻهن کي چيو آهي ته پاڻي ضايع نه ڪن ۽ ان کي احتياط سان استعمال ڪن. جيڪڏهن برسات نه پئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ برطانيه ۾ پاڻي جو بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے