سوات:(سومر 07 جولاءِ 2025ع)سوات ۾ مدرسي جي شاگردن جي وين حادثي جو شڪار ٿي وئي.
ريسڪيو ذريعن موجب، سوات ۾ بحرين جي ڪيدام علائقي ۾ هڪ مني وين حادثي جو شڪار ٿي وئي.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪيدام ۾ هڪ تيز رفتار وين اونڌي ٿي وئي، جنهن ۾ مدرسي جا شاگرد سوار هئا، جنهن جي نتيجي ۾ حادثي ۾ 11 شاگرد زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته شاگرد موڪلن تي بتخيلا کان ڪالام ۾ پنهنجي گهر وڃي رهيا هئا.
0 تبصرے
Do not use vulgar language