ڪراچي:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)سنڌ پوليس پاران هڪ منفرد پر سٺو قدم کنيو ويو آهي ۽ گٽڪو کائيندڙ پوليس اهلڪارن ۽ آفيسرن کي سزا ڏني وئي آهي.
سنڌ پوليس پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب گٽڪو کائڻ جي عادي آفيسرن ۽ اهلڪارن جي فهرست تيار ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس اهلڪارن کي گٽڪو/ماوا ڇڏڻ لاءِ 10 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي، پر ان کان پوءِ ڪارروائي ڪئي ويندي.
نوٽيفڪيشن موجب گٽڪو کائڻ سان صحت سان گڏوگڏ پوليس جي ساک متاثر ٿيندي آهي، گٽڪو کائڻ بند نه ڪندڙ آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ غير سنجيدگي تي نوڪري مان برطرفي به ممڪن ٿي سگهي ٿي.
سنڌ جي ضلعن مان گٽڪو کائيندڙ پوليس اهلڪارن جي تعداد بابت رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، هر 15 ڏينهن کانپوءِ ڊي آءِ جي اسٽيبلشمينٽ کي پيش رفت رپورٽ جمع ڪرائي ويندي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language