ڪراچي:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي ايئر ڪارگو چارجز ۾ 100 ڀيرا تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.
ايئرپورٽ اٿارٽي جي عملدارن موجب، پالتو پکين، ٻلين، ڪتن، پان جي پنن ۽ پروازن تي عام سامان لاءِ نوان ريٽ جاري ڪيا ويا آهن.
پروازن تي پالتو پکين کي کڻي وڃڻ جي چارجز ۾ 50 سيڪڙو ۽ هوائي ڪارگو چارجز ۾ 100 ڀيرا واڌ ڪئي وئي آهي.
ايئرپورٽ اٿارٽي جي عملدارن موجب، 5 سالن کان پوءِ ڪارگو چارجز ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language