welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

اسرائيلي فوج جي بمباري ۾ وڌيڪ 116 فلسطيني قتل ڪري ڇڏيا

غزه:(اربع 02 جولاءِ 2025ع)اسرائيلي فوج غزه ۾ وڌيڪ 116 فلسطيني قتل ڪيا ويا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب، اسرائيلي فوج 24 ڪلاڪن ۾ هڪ اسپتال، هڪ اسڪول ۽ کاڌي جي ورڇ واري مرڪز تي بمباري ڪئي آهي، جنهن ۾ 116 فلسطيني قتل ويا آهن. اسرائيلي اخبار جو چوڻ آهي ته فوج کي کاڌي جي انتظار ۾ ويٺل ماڻهن تي فائرنگ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان دوران، فلسطيني مزاحمتي تنظيمن جو چوڻ آهي ته غزه جي خان يونس علائقي ۾ اسرائيلي فوجين ۽ هڪ گاڏي کي نشانو بڻايو ويو آهي. ٻئي طرف، اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته يمن مان اسرائيل تي ميزائل فائر ڪيا ويا آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے