گھوٽڪي:(ڇنڇر 12 جولاءِ 2025ع)گهوٽڪي جي ڳوٺ سيدن ڏينو گهوٽڪي ۾، جاگيراني ٽولي جا 10/15 هٿياربند عبدالحميد جي مينھن جي واڙي ۾ زبردستي داخل ٿيا ۽ 20 مينھون ڪاھي فرار ٿي ويا. پوليس واڙي جي مالڪ ۽ سندن برادري ۽ اوڙي پاڙي وارن جي مدد سان گهوٽ برادري جا ماڻهو ۽ پوليس اسٽيشن ڪڇو بائون سان گڏجي چورن جو پيرو کنيو جيڪو مير سندر خان سُندرتي جي بنگلي جي ويجهو اچي لڳو، ڏوھاري جوابدارن پيرو کڻندڙن مٿان فائرنگ ڪري ڏني نتيجي ۾ مينھن جي واڙي يا ڊيري فارم جو مالڪ عبدالحميد پٽ علي شير گهوٽو سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي تعلقي اسپتال گهوٽڪي نيو ويو، جتي هو علاج دوران فوت ٿي ويو. وارثن جو احتجاج
0 تبصرے
Do not use vulgar language