welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

آمريڪا وچ اوڀر مان غير سفارتي عملي جي رضاڪارانه واپسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

واشنگٽن:(خميس 12 جون 2025ع)آمريڪا وچ اوڀر مان پنهنجي غير سفارتي اهلڪارن جي رضاڪارانه واپسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. هڪ آمريڪي عهديدار، برطانوي نيوز ايجنسي سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪي دفاع واري وزير وچ اوڀر مان غير سفارتي اهلڪارن جي رضاڪارانه واپسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. آمريڪي عهديدار چيو ته سپاهين ۽ انهن جي خاندانن جي حفاظت ۽ سلامتي اسان جي ترجيح آهي. آمريڪي عهديدار چيو ته سينٽرل ڪمانڊ وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي نگراني ڪري رهيو آهي، ۽ سينٽڪام خطي ۾ اتحادين ۽ ڀائيوارن سان رابطي ۾ آهي. ٻئي طرف، آمريڪا غير سفارتي اهلڪارن کي بحرين ۽ عراق مان به واپسي جي هدايت ڪئي آهي. نيوز ايجنسي موجب، آمريڪا وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي صورتحال تي هدايتون جاري ڪيون آهن، جڏهن ته، آمريڪي عهديدارن سيڪيورٽي صورتحال بابت ڪجهه به نه چيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے