
اسلام آباد:(ڇنڇر 07 جون 2025ع)صدر ۽ وزيراعظم قوم ۽ اسلامي دنيا کي دلي عيد جون مبارڪون ڏنيون.
صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهبازشريف قوم ۽ عالم اسلام کي عيد جون مبارڪون ڏنيون.
پنهنجي پيغام ۾ صدر جو چوڻ آهي ته هِي ڏينهن اسان جي ايمان، قرباني، ايثار ۽ ڀائيچاري جي جذبي کي نئين سر زنده ڪرڻ جو ڏينهن آهي، اسانکي قوم طور هڪ ٻئي جو سهارو بڻجي پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻو آهي، دعا آهي ته خدا هن ڏينهن کي اسانجي ملڪ ۽ پوري مسلمان امت لاءِ خير و برڪت، اتحاد ۽ خوشحالي جو ذريعو بڻائي.
وزيراعظم شهباز شريف ماڊل ٽائون لاهور ۾ عيد نماز پڙهي.
پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيدالاضحيٰ جو پيغام صرف جانورن جي قرباني تائين محدود ناهي، اهو اسان کي اعليٰ مقصدن لاءِ پنهنجي نفس، خواهشن ۽ مفادن کي قربان ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. پاڪستان ترقي جي رستي تي آهي، قرباني ۽ اتحاد جي جذبي جي ضرورت آهي، صرف قرباني جو جذبو ئي پاڪستان جي تقدير بدلائي سگهي ٿو.
هوڏانهن حمزا شهباز ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ به شريڪ ٿيا، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ملتان، دفاعي وزير خواجا آصف سيالڪوٽ ڪينٽ ۾ عيد نماز ادا ڪئي، ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ڊيرا اسماعيل خان ۾ عيد نماز ادا ڪئي، جَي يـُو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان عيد نماز پنهنجي اباڻي ڳوٺ عبدالخيل ۾ ادا ڪئي، پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سکر ۾ عيد نماز پڙهي، وزيراعظم جي خاص معاون راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۽ ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ عيد نماز ادا ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language