غزہ:(ڇنڇر 07 جون 2025ع)عيد جي ڏينهن به غزه تي اسرائيلي بمباري بند نه ٿي، هوائي حملن ۽ فائرنگ ۾ 42 فلسطيني قتل ڪيا ويا.اسرائيل جمعي ڏينهن به فلسطين تي پنهنجا حملا جاري رهيا.
فلسطينين لاءِ عيد الاضحيٰ جو پهريون ڏينهن غم ۽ تباهي سان شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته اسرائيلين مختلف علائقن تي حملا شروع ڪيا.
غزه سول ڊفينس ايجنسي چيو آهي ته جمعي ڏينهن اسرائيلي هوائي حملي ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ فلسطيني علائقي ۾ 42 ماڻهو قتل ڪيا ويا.
سول ڊفينس جي هڪ عهديدار نيوز ايجنسي کي ٻڌايو ته صرف اترئين علائقي جباليا تي اسرائيلي حملي ۾ 11 ماڻهو قتل ٿيا آهن.
0 تبصرے
Do not use vulgar language