ڪراچي:(آچر 01 جون 2025ع)ڪراچي جي حسين آباد علائقي ۾ فائرنگ ۾ مارجي ويل حارث جي قتل جي مک جوابدار پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن.
پوليس موجب، حسين آباد ۾ فائرنگ ۾ مارجي ويل حارث جي قتل جي مک جوابدار دلاور عزيز آباد پوليس آڏو هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن.
گرفتاري کان اڳ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ وڊيو بيان ۾ دلاور چيو ته هو ۽ مقتول حارث ننڍپڻ جا دوست آهن، واقعو غلطي سان پيش آيو، کيس خبر نه هئي ته پستول لوڊ ٿيل آهي ۽ هلي ويندي، مان پاڻ حارث کي اسپتال وٺي ويس ۽ پنهنجو نالو به لکرائي ڇڏيو.
پوليس موجب، جوابدار جي 4 ساٿين کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن پوليس کي گمراهه ڪيو ۽ واقعي کي ڦرلٽ جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language