welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

لاس ويگاس: آمريڪي جهاز جيئن ئي اٿيو تيئن باهه لڳي،وڊيو سامهون اچي وئي

لاس ويگاس:(خميس 26 جون 2025ع)آمريڪي ايئر لائنز جو مسافر جهاز هڪ وڏي حادثي کان بال بال بچي ويو. هڪ پرڏيهي نيوز ايجنسي موجب، لاس ويگاس کان شارلٽ ڏانهن اڏامندڙ هڪ آمريڪي جهاز ۾ ٽيڪنيڪل خرابي جو پتو لڳايو ويو، جنهن کان پوءِ آمريڪي جهاز هيري ريڊ ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ ڪئي. ميڊيا رپورٽن موجب، پرواز AA 1665 ۾ 165 مسافر سوار هئا. جهاز کي ٽيڪ آف ڪرڻ کان 8 منٽن بعد ٽيڪنيڪل خرابي سبب لاٿو ويو. ڌماڪي جا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جڏهن جهاز جي انجن مان باهه نڪتي، جنهن جي هڪ وڊيو پڻ سامهون آئي آهي. ايئرپورٽ عملدارن موجب، واقعي ۾ ڪو به زخمي نه ٿيو.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے