بيجنگ:(خميس 26 جون 2025ع)هندستاني دفاع وزير راج ناٿ سنگهه ايس سي او ڪانفرنس جي گڏيل پڌرنامي ۾ پهلگام واقعي جو ذڪر نه ڪرڻ تي ناراض هو.
شنگھائي تعاون تنظيم جي دفاع وزيرن جو اجلاس چين جي گادي واري هنڌ بيجنگ ۾ ٿيو، جنهن ۾ هندستاني دفاع وزير راج ناٿ سنگهه ڪانفرنس جي گڏيل پڌرنامي کي ڏسڻ کان پوءِ ناراض ٿي ويو.
هندستاني ميڊيا موجب، دفاع وزير راج ناٿ سنگهه ايس سي او ڪانفرنس جي گڏيل پڌرنامي تي صحيح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
هندستاني ميڊيا جي رپورٽن موجب ايس سي او جي گڏيل پڌرنامي ۾ پهلگام واقعي جو ذڪر نه هو، جنهن تي دفاع وزير راج ناٿ دستخط ڪرڻ کان انڪار ڪيو.
هندستاني ميڊيا موجب، ايس سي او جي گڏيل پڌرنامي ۾ هندستان تي بلوچستان ۾ اڻ سڌي طرح بدامني پکيڙڻ جو الزام پڻ لڳايو ويو.
0 تبصرے
Do not use vulgar language