ڪراچي:(اربع 04 جون 2025ع)ڪراچي ۾ سامونڊي ڪڪرن جي ڪري، اڄ رات ۽ سڀاڻي ڪجهه علائقن ۾ بوندا باندی جو امڪان آهي.
موسميات جي تجزيه نگار موجب، ڪراچي ۾ معمول مطابق سامونڊي هوائون 25 کان 35 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن.
موسميات جي تجزيه نگار چيو ته شهر ۾ موسم اڄ جزوي طور تي ڪڪر رهندي، سامونڊي ڪڪرن جي اثر هيٺ، اڄ رات ۽ سڀاڻي صبح ڪجهه علائقن ۾ بوندا باندی جو امڪان آهي.
موسميات جي تجزيه نگار موجب، اڄ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته وڌيڪ نمي جي ڪري، گرمي جي شدت 40 کان 43 ڊگري تائين محسوس ڪري سگهجي ٿي.
0 تبصرے
Do not use vulgar language