welcome

ڀلي ڪري آيا .... سلامت رھو

ڀارت: ڳئون، اُٺ ۽ ٻين جانورن جي قرباني تي پابندي

اتر پردیش:(اربع 04 جون 2025ع)هندستاني رياست اتر پرديش ڳئون، اُٺ ۽ ٻين جانورن جي قرباني تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. هندستاني اخبار نيشنل هيرالڊ جي هڪ رپورٽ موجب، مودي سرڪار قانون جي آڙ ۾ هندستاني مسلمانن خلاف جنگ ڪري رهي آهي، ۽ مودي جي حڪومت دوران، اقليتن لاءِ مذهبي تهوار ملهائڻ به هڪ جرم بڻجي ويو آهي. جيئن جيئن عيد الاضحيٰ ويجهو اچي رهي آهي، هندستان ۾ مسلمانن خلاف نفرت جو طوفان شروع ٿي ويو آهي. هندستاني اخبار ٻڌايو آهي ته اتر پرديش جي وڏي وزير عيد الاضحيٰ ويجهو ايندي سخت پابنديون لاڳو ڪيون آهن. رپورٽ موجب، اتر پرديش ۾ ڳئون، اُٺ ۽ ٻين جانورن جي قرباني تي پابندي لڳائي وئي آهي، ۽ يوپي ۾ کليل جڳهن تي نماز ۽ جانورن جي ذبح تي پابندي لڳائڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن. نيشنل هيرالڊ جي مطابق، يوگي آدتيه ناٿ انهن ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي جو به حڪم ڏنو آهي جيڪي حڪم جي تعميل نه ٿا ڪن. اخبار جو چوڻ آهي ته اتر پرديش ۾ قرباني تي پابندي لڳائي مسلمانن جي بنيادي حق جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. هر عيد تي مسلمانن جي جذبات کي مجروح ڪرڻ مودي ۽ يوگي حڪومت جي پراڻي روايت آهي. مسلمانن جي عيد تي پابنديون ۽ هندو تهوارن تي کليل موڪل هندستان ۾ هندوتوا نظريي کي فروغ ڏيڻ لاءِ آهن.

ایک تبصرہ شائع کریں

0 تبصرے